عبدالحميد شهيد

عبدالحميد ‘شهيد’: شاعر عبدالحميد ولد محمد عمر ’اختر‘ هالائي 8 جنوري 1941ع ڌاري هالا ۾ ڄائو. هن تعليم ۾ بي. ڪام، ايم. اي (اڪنامڪس)، ايم. اي (اردو ادب)، ايل. ايل. بي ۽ ٽيڪنيڪل تعليم جون سندون حاصل ڪيون. هي شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ‘شهيد’ استعمال ڪندو هو. هن جو والد اختر هالائي، چاچو مولوي مير محمد ‘مادح’، چاچو حڪيم احمد ‘شاڪر’ ۽ سندس مامو محمد يعقوب ‘مهمان’ پڻ شاعر هئا، جن جي صحبت ۾ رهي ڪري هن شاعري جي شروعات ڪئي. هن شاعري ۾ غزل، حمد، نعت، چوسٽا، گيت، نظم، وايون ۽ ڪافيون چيون آهن. هن جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو پڻ قابل ذڪر آهي، جيڪو ‘پيار جا پوپٽ’ ۽ ‘چاهت جا گلاب’ جي عنوان سان شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.01.08  عيسوي

عبدالحميد ولد محمد عمر ’اختر‘ هالائي 8 جنوري 1941ع ڌاري هالا ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهزاد لکنوي
ريحان اعظمي
ابو البقا ملا ٺٽوي
اڪبر ساگر
جهنگل شاهه مست
ڀائي ڌرمداس
سيتل داس سوامي
دانتي
ڀڳت ڪبير
اصغر گوزائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون